نيٻراج سنگهه سوڍو ڀڳت

نيٻراج سنگهه سوڍو،ڀڳت: ڀڳت نيٻراج سنگهه سوڍو، ڳوٺ ڦلائو، تعلقي کپري، ضلعي سانگهڙ جو رهاڪو آهي. سندس والد ڀيرجي سوڍو، ٿر جو مشهور ڀڳت هو، جنهن جون ڀڳتيءَ جون 5 ڪئسٽون رليز ٿيل آهن. ڀيرجي ٺڪر کي ’سينيئر حيدر رند‘ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. هن پنهنجي پٽ نيٻراج جي، ڀڳتيءَ ۾ سٺي پرورش ڪئي. نيٻراج سوڍو مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪرڻ بعد ڀڄن چوڻ سان گڏ گهريلو ڪرت سان واڳيل رهيو. 1992ع ۾ والد جي وفات کانپوءِ ڇڏيل ورثي کي سنڀاليائين. هن پهريون ڀيرو مئو، تعلقي کپري ۾ ڀڄن ڳاتا، جتي کيس تمام گهڻي موٽ ملي، جنهن کانپوءِ کپري، عمرڪوٽ، رتيڪوٽ، سانگهڙ ۽ ٿر جي ڪيترن مندرن ۾ ٿيندڙ مذهبي ڏهاڙن تي ڀڄن ڳائيندو رهيو آهي. ان کان سواءِ مشهور ڪلاسيڪي شاعرن مـنٺـار فـقــيـر راڄــڙ ۽ حسن بخش شاهه ڊٺڙي واري جي درگاهن سميت ڪيترين درگاهـن تي ڳائيندو رهيو آهي. هن وقت پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڦلائو ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو